شاهي چٻ، گهگهه

شاهي چٻ، گهگهه

شاهي چٻ گهگهه

شاهي چٻ، گهگهه (Eagle Bubo/Owl Bubo): هي چٻرو 60 سينٽي ميٽر جسامت رکي ٿو. هن وڏي چٻري جا نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. جسم ۾ وڏو، رنگ گهرو ناسي، چٽ ۽ لينگها، ڪن اُڀا، وڏيون گول نارنگي رنگ جون اکيون، ٽنگن تي گهاٽا کنڀ ٿيندا اٿس. هي چٻرو بي آواز اُڏامندو آهي. سندس آواز هڪ ٻن مرحلن ۾ ٻڌبو آهي، ان ڪري ان کي ‘گگهه’ به چوندا آهن. هي ويران خطن ۽ هلڪي وڻڪار واري علائقن کان سواءِ سڪل ڍورين ۽ ٽڪرين تي پڻ ڏسبو آهي. اڪثر رات جو نڪرندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو